سلسلة التاريخ

سلسلة التاريخ (ڪتاب): ’سلسلة التاريخ‘ هڪ ننڍو عربي ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪن عرب، سياحن ۽ جاگرافيدانن جا گڏ ڪيل بيان آهن، جن ۾ ننڍي کنڊ واري باب ۾ سنڌ جو احوال به موجود آهن. هن ڪتاب جا ليکڪ، سنڌ جا بندر ڏسي ۽ گھمي ويا هئا، جنهنڪري سندن لکڻيون اکين ڏٺو احوال آهن، جن مان ان وقت جي حالتن جي خبر پوي ٿي. انهن سياحن ۽ تاجرن مان سنڌ تي سيراف جي ابو زيد ۽ سليمان تاجر جو اهم احوال آهي ۽ ٻئي ڄڻا همعصر حيثيت رکن ٿا. ڪتاب ۾ سنڌ بابت چڱي خاصي معلومات آهي. هي ڪتاب دارالطبعة السلطانيه، پيرس (فرانس) مان 1811ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو